سورج ونسي

سورج ونسي: رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته آڳاٽا ’آريا لوڪ‘ ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، ان ڪري سندن والاريل ملڪ کي ’سپت سنڌو‘، ’ست درياهو‘ سڏبو هو. انهن ستن ندين ۾ پنج نديون پنجاب جون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين ’سنڌو‘ هئي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون بيٺڪون هيون، اهي بيٺڪون سنڌ، هند، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (هاڻوڪي پشاور) ۽ ان جي آسپاس واري ملڪ (هاڻوڪي افغانستان ۽ بلوچستان) ۾ هيون. آرين ۾ هڪڙا سورج ونسي هئا ۽ ٻيا چندر ونسي. سورج ونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جيڪو هاڻي ائوڌ سڏجي ٿو. اِڪشو اڪو جي ڀيڻ ’اِلا‘، ٻُڌ سان پرڻيل هئي، جنهن جي پيءُ جو نالو ’سوم‘ يعني چنڊ هو، ان ڪري انهيءَ خاندان وارا چندر ونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي جو پهريون راجا ’پرو روس‘ هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ’پرتسٿان‘ (Pratisthan) هو، جيڪو هاڻي ’الهه آباد‘ سڏجي ٿو. سنڌ جو واسطو آرين جي ٻنهي گهراڻن وارن سان پيل آهي. سورج ونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر پيدا ٿيا، سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. مطلب ته سري رامچندر جا ابا ڏاڏا ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ به رهندا هئا. سورج ونسي گهراڻي وارن جي حڪومت ايوڌيا، نيپال کان وٺي مگڌ، مظفر پور ۽ گجرات تائين هئي. رامائڻ مان خبر پوي ٿي ته سري رامچندر جي پيءُ دسرت جو سنڌ سان بلڪل گهڻو ناتو هو. ٻڌ ڌرم واري زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ’وئشالي‘ هو. هڪ راءِ آهي ته چندر ونسي آرين جي يادو ونسي ڪل مان سنڌ جا سما راجپوت هئا، جن کي جادو ونسي سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته سومرا سورج ونسي راجپوت آهن.


لفظ سورج ونسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو